SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hungarian Crisis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hungarian
  • kraisis
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Hungarian Crisis

هنگرين ڪرائسز

هنگريءَ وارو بُحران

1956ع ۾ شاگردن جي اڳواڻيءَ ۾ هنگريءَ جي عوام شديد احتجاج ڪري، ملڪ جي ڪميونسٽ حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. هنگريءَ جي حڪومت ان بُحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سوويت روس کي مدد لاءِ پُڪاريو، جنهن جي نتيجي ۾ سوويت روس پنهنجون فوجون هنگريءَ ۾ موڪلي ڇڏيون. هنگريءَ جي چونڊيل وزيراعظم ”امري نيگي“ (Imre Nagy) ان موقعي تي احتجاج ڪندي، جڏهن ”وارسا معاهدي“ منجهان نڪرڻ جو اعلان ڪيو، ته کيس گرفتار ڪري سوويت فوجين جي مدد سان بغاوت تي ضابطو آندو ويو. ان ڏس ۾ 4 نومبر 1956ع تي سوويت فوجن هنگريءَ جي راڄ ڌاني ”بڊاَپيسٽ“ ۾ داخل ٿي بغاوت کي چٿڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ روسي فوج کي مسلسل ڏهه ڏينهن عوامي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. بعد ۾ روس جي حمايتي ڪميونسٽ سياستدان”جانوس ڪادار“ کي اتان جو وزير اعظم مقرر ڪيو ويو. انهيءَ سوويت مداخلت جي خلاف اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا، پر روس هميشه انهن ٺهرائن کي ”ويٽو“ ڪندو آيو. هن سڄي بحران دؤران اقوام متحده خاموش تماشائيءَ کان وڌيڪ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو


Remember Me Also:

ٻولڻو

ذ. صفت. ٻولڻ وارو ، ٻوليندڙ. وڻندڙ ڳالهائڻ وارو. گهڻي ڳالهائڻ وارو ، بڪواتي. راڳيندڙ ڪ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal